ڦتن پُرسواڻي

ڦتن پُرسواڻي

ڦتن پُرسواڻي

ڦتن پُرسواڻي: ليکڪ، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ڦتن پُرسواڻي جو اصل نالو ڦتنداس ڪمنداس آهي. سندس جنم 27 جولاءِ 1933 تي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ڦتن پرسواڻيءَ جو والد پنھنجي اوطاق تي آيل مھمانن ۽ دوستن کي سنڌي رچنائون ۽ ڪويتائون ٻڌائيندو هو، جيڪي هن ننڍي عمر کان ٻڌيون، جنھن سبب کيس لکڻ جو چاهه پيدا ٿيو. ورهاڱي دوران سندس گهر وارا لڏي هندستان هليا ويا.1951ع ۾ ڦتن پرسواڻي ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون، جيڪي اُلھاس نگر جي هفتيوار، ماهوار ۽ روزاني اخبارن ۾ شايع ٿيون. مَراٺي ۽ بنگاليءَ ٻولي جي ڄاڻ سبب هُن مراٺي ۽ بنگالي ادب جون لکڻيون سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيون. سندس ڪھاڻيون گجراتي، مراٺي، هندي ۽ مَليالم ۾ ترجمو ٿيل آهن. پاڻ ”پرڀات پبليڪيشن“ جو بانيڪار پڻ هو، جتان ”وارتائون عجيبن جون“ جي نالي سان هڪڙو سلسلو جاري رکيو. ماهوار مخزن ”سناتن سارٿي“ جو 12 سال ۽ رِزروَ بئنڪ جي مخزن ”الڪا“ جو پڻ ايڊيٽر رهيو.سندس ڇپيل ڪتابن ۾: مھراڻ موتي (گيتانجلي جو سنڌي ترجمو، 5 ڀاڱا)، رجنيش وارتائون (گرو رجنيش کان متاثر ٿي لکيل ڪھاڻيون، 1998ع)، جيڪي ڏٺو مون (ڪھاڻيون)، من ولوڙ (آتم ڪھاڻي)، ويچار وارتا (خاڪا)، سنڌي ناول جو دؤر (ايم سڳن سان گڏجي لکيل 1959ع)، اکنڊ جوتيون (ڪھاڻيون)، چئن يُڳن جون ويھه ڪھاڻيون (ڪھاڻيون)، سرمالا (ڪوتائون 1972ع)، آکاڻيون عجيبن جون (قصا/چوڻيون 1992) ڏيئا ٻرن شنک وڄن (سمرتي چترا جو ترجمو 1993) گَڻ ديوتا (ڪھاڻيون 1994ع)، گيت گنگا (ترجمو، رابندرناٿ ٽئگور جا گيت 1995) مھر سندو مينھن (3 ڀاڱا)، نست شرومڻي ديوان ڪرم چند صاحب (ڪٿا، 1997ع)، ٻڌ ڪٿائون (گوتم ٻُڌ جي ڪٿا، 1999ع) ۽ مانسرور جا موتي (1970ع) شامل آهن. روزاني ’هندو‘، هفتيوار ’هند واسي‘ ۽ ماهوار ’ڪونج‘ ۾ پڻ ڪالم لکندو رهيو. ڪتاب ”مانسروور جا موتي“ سندس نياڻي ماڌري سروجني ڪُڪريجا ترتيب ڏنو. هن 20 فيبروري 2003ع تي وفات ڪئي.


لفظ ڦتن پُرسواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.07.27  عيسوي

ليکڪ، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ڦتن پُرسواڻي جو اصل نالو ڦتنداس ڪمنداس آهي. سندس جنم 27 جولاءِ 1933 تي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.


2003.02.20  عيسوي

ڦتن پُرسواڻي 20 فيبروري 2003ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايوب فقير آريسر
حسين شاهه شرف
ادراڪي بيگلاري
طالب الموليٰ مخدوم محمد زمان
انجو ماکيجا
اياز امر شيخ
صابر علي مير ٺٽوي
اصغر گوزائي
بهرو ڇاٻڙيا بيوطن
اختر ثانوري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون